اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ڪئناڊا جي واپاري ??اڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪ??تا?? ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغان??تا?? جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪ??تا?? جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪ??تا?? جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪ??تا??ي هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.