اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جسٽس صف??ر علي شاهه مرحوم جي بيواهه ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سَسُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم پونئ??رن سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئ??رن کي صبر جميل عطا فرمائي. ه?? چيو ته والده جهڙي شفيق هستيءَ جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي ۽ اسان سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون.