اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاه?? اڪرم دراني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني، عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاه?? اڪرم دراني ٽيليفونڪ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاه?? اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي خوشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خيال رکڻ گهرج??. ب??ان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پارليامينٽ جو وقار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.