اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نائجيريا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائجيرين هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. نائجيريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان نائجيريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجيريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجيريا جي هٿياربند فوج جي نمائند?? جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي خلاف ورزين تي پڻ روشن?? وڌي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمان?? جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن م??ڪ ۾ دهشتگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا نائجيريا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.